واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي خزاني واري سيڪريٽري خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن قرضن جي حد نه وڌي وئي ته پهرين جون تائين آمريڪا ديواليو ٿي ويندو.آمريڪي خزاني واري سيڪريٽري چيو ته ڪانگريس قرضن جي حد وڌائي يا حد کي معطل ڪري.ٻئي طرف صدر جو بائيڊن 9 مئي تي ڪانگريس جي ميمبرن سان ملاقات ڪندو ته جيئن آمريڪا کي ديوالي ٿيڻ کان بچايو وڃي.ياد رهي ته آمريڪا ۾ سلڪون وادي بئنڪ ۽ سگنيچر بئنڪ ديوال ٿي چڪي آهي.










