قرباني جي جانورن جو گند ڪچرو مقرر ڪيل هنڌن تي گڏ ڪيو وڃي:ڊي سي

قرباني جي جانورن جو گند ڪچرو مقرر ڪيل هنڌن تي گڏ ڪيو وڃي:ڊي سي

بدين(ن سنڌيار) ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته قرباني جي جانورن جو گند ڪچرو مقرر ڪيل هنڌن تي گڏ ڪيو وڃي ۽ شهر کان 4 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي کوٽائي ڪري ان کي ڦٽو ڪيو وڃي جنهن بعد انهن سڀني هندن تي چن ڇڙڪيو وڃي.اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي برساتن جي امڪاني صورتحال ۽ صفائي سٿرائي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون نجيب الرحمان جمالي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو وقار احمد ڪلوڙ، ضلعي هيلٿ آفيسرن بدين شير محمد نهرو، اسسٽنٽ ڪمشنر بدين محمد ماجد الطاف سميت ضلعي جي سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، ايڪسين پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ انور چنڙ ايڊمنسٽرير ميونپسل ڪميٽي بدينباقر حسين بروهي، سي ايم اوز، ٽي ايم اوز، يو سي سيڪريٽريز، سميت پوليس، حيسڪو، آبپاشي، لائيو اسٽاڪ، زراعت، سيڪريٽري آر ٽي اي، پاپوليشن، آفيسرن، ڊي او پرائمري، ڊي او سيڪنڊري ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. هن چيو ته قرباني جي جانورن جو گند ڪچرو جلد کان جلد هٽايو وڃي ته ڇاڪاڻ ان سان ڪيتريون ئي بيماريون ۽ گندگي ڦهلجي سگهي ٿي، جڏهن ته هر علائقي ۾ مڇر مار اسپري ۽ فيوميگيشن جو پڻ استعمال ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين چيو ته هن ڀيري عيدالاضحيٰ ۽ مڪاني ادارن جون چونڊون لڳ ڀڳ هڪ ئي وقت ٿي رهيون آهن، ان ڪري سمورا لاڳاپيل ادارا گڏجي پنهنجا فرض سرانجام ڏين ۽ عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ بهترين اپاءَ ورتا وڃن، هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي عيد الاضحيٰ جي موقعي تي امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ مشينري سميت عملي کي پڻ تيار رکيو وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته عيد جي موقعي تي قرباني جي جانورن جو گند ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ صفائي سٿرائي جي مجموعي صورتحال جي نگراني ڪرڻ لاءِ هر شهر ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيا وڃن.جڏهن ته هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته مسجدن، امام بارگاهن ۽ قبرستانن جي صفائي سٿرائي کي يقيني بڻايو وڃي، عيد الاضحيٰ دوران عيد نماز جي اجتماعن ۾ ڪرونا ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي ۽ جن لاڳاپيل ادارن اڃا تائين ڪنٽينجنسي پلان جمع نه ڪرايو آهي، اهي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجو ڪنٽينشن پلان جمع ڪرائين. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر بدين ڊي ايڇ او بدين کي هدايت ڪئي ته رين ايمرجنسي ۽ خاص ڪري عيد الاضحيٰ جي موقعي تي اسپتالن ۾ سمورين ضروري دوائن ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي هن زراعت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر رميش ڪمار کي هدايت ڏيندي چيو ته حڪومت طرفان مقرر ڪيل قيمتن تي جراثيم ڪش دوائن ۽ يوريا ڀاڻ جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي.هن موقعي تي سمورن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن رين ايمرجنسي ۽ عيدالضحيٰ جي حوالي سان ڪيل انتظامن بابت گڏجاڻي کي آگاهه ڪيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو