قران پاڪ جي بي حرمتي ڪندڙ جوابدار  هجوم هٿان قتل،اهلڪار معطل

قران پاڪ جي بي حرمتي ڪندڙ جوابدار هجوم هٿان قتل،اهلڪار معطل

ننڪانه صاحب: (ويب ڊيسڪ) ننڪانه صاحب ۾ مڇريل ماڻهن توهين مذهب جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل جوابدار کي ٿاڻي مان ڪڍي قتل ڪري ڇڏيو. مذڪوره واقعو ننڪانه صاحب جي علائقي واربرٽن ۾ پيش آيو جتي مڇريل ماڻهن ٿاڻي مٿان حملو ڪري توهين مذهب جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار کي تشدد ڪري قتل ڪري ڪري ڇڏيو. مڇريل ماڻهن پاران ٿاڻي تي چڙهائي دوران ايس ايڇ او سميت ٻيا پوليس اهلڪار ڀڄي ويا. مڇريل ماڻهن ٿاڻي ۾ گهڙي لاڪ اپ توڙي جوابدار کي ٻاهر ڪڍيو ۽ تشدد ڪري کيس ماري ڇڏيو. پاڙي وارن الزام لڳايو آهي ته جوابدار اڳوڻي گهر واري جون تصويرون مقدس ڪتاب تي لڳائي ڪارو علم ڪندو هو. واقعي کان پوءِ ڊي ايس پي ننڪانه سرڪل نواز ورڪ ۽ ايس ايڇ او واربرٽن فيروز ڀٽي کي معطل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف قتل واري واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته پوليس پرتشدد هجوم کي ڇو نه روڪيو. قانون جي حاڪميت کي يقيني بنائڻ گهرجي ڪنهن کي قانون کان مٿانهون قدم کڻڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته امن امان جي ذميوارن جي پهرين ترجيح امن ئي آهي امن امان هر صورت ۾ قائم رهڻ گهرجي. ٻئي پاسي پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي واقعي تي آءِ جي پنجاب کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. محسن نقوي هدايت ڪئي آهي ته واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي ويندي ۽ قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر اشرفي واقعي بابت چيو آهي ته ننڪانه صاحب ۾ توهين مذهب جي جوابدار جو قتل وحشياڻو قدم آهي. جن ڏوهارين اهو ڪم ڪيو پنجاب حڪومت انهن کي فوري طور تي گرفتار ڪري. حافظ طاهر اشرفي چيو ته اهڙن ڏوهارين جو ڪيس دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ هلايو وڃي. ڪنهن به گروپ، ماڻهو يا پارٽي کي اهو حق ناهي ته هو قانون کي هٿ ۾ کڻي.

پهنجو تبصرو موڪليو