قذافي اسٽيڊيم۾ گو نيازي گو جي نعرن جي گونج

قذافي اسٽيڊيم۾ گو نيازي گو جي نعرن جي گونج

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ جي ستين ايڊيشن جو فائنل ڪالهه کيڏيو ويو، جنهن ۾ لاهور قلندر پهريون ڀيرو ٽائيٽل کٽي ورتو. گذريل ڏينهن ايڇ بي ايل پي ايس ايل فائنل لاءِ لاهور جو قذافي اسٽيڊيم تماشائن سان ڀريل هو ۽ ماڻهو ڪرڪيٽ سان گڏ ٻين دلچسپ نعرن سان به ميچ مان لطف اندوز ٿي رهيا هئا. اهڙي ئي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ ميمبر صوبائي اسيمبلي مائزه حميد گجر به شيئر ڪئي آهي جنهن سان هن هڪ ڪيپشن پڻ لکيو آهي. مائزه حميد گجر طرفان شيئر ڪيل وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو ويو آهي ته لاهور پي ايس ايل فائنل ۾ پنهنجي فيصلي جو اعلان ڪيو، ”گو عمران گو“.

https://twitter.com/MaizaHameedMNA/status/1497993051041583108

مسلم ليگ ن اڳواڻ طرفان شيئر ڪيل وڊيو ۾ اسٽيڊيم ۾ موجود تماشائن کي وزيراعظم عمران خان خلاف نعرا هڻندي ٻڌي سگهجي ٿو. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان ميچ ڏسڻ اڄڻو هو پر عين وقت تي پروگرام تبديل ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو