ملير ( رپورٽ شهزادو مستوئي ) ملير جي قديمي ڳوٺ مورند قيصراڻي ڳوٺ جي رھواسين پاران اينٽي انڪروچمنٽ جي امڪاني ڪارروائي خلاف قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، اسان جو ڳوٺ قديمي ڳوٺ آهي اسان جي ڳوٺ تي نئين کٽي آيل ايم پي اي يوصف بلوچ جي سرپرستي هيٺ ڳوٺ ڏاهڻ بعد قبضي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي علائقي واسين جون ملير جي صحافين سان ڳالهايون تفصيل موجب ملير گلشن حديد لڳ مورند قيصراڻي ڳوٺ جي رھواسين پاران اين ٽي انڪروچمنٽ جي امڪاني ڪارروائي ۽ حڪومت خلاف نعريبازي ڪندي قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو هنيو، اسان جو ڳوٺ مورند قيصراڻي ڳوٺ قديمي ڳوٺ آهي جنهن تي نيئن کٽي آيل ايم پي اي يوصف بلوچ جي سرپرستي هيٺ لينڊ گريور الاهي بخش بلوچ ۽ شاهنواز بلوچ اسان جي ڳوٺن کي مسمار ڪري قبضو ڪرڻ چاهين ٿا علائقي واسين جون ملير جي صحافين سان ڳالهيون، ڌرڻي ۾ محمد حنيف، اياز احمد، صدام حسين قيصراڻي، محمد علي، عورتن توڙي ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي علائقي واسين وزيراعظم عمران خان، وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته اسان کي اين ٽي انڪروچمنٽ پاران جاري ڪيل نوٽيس ۽ لينڊ گريورن پاران ملندڙ ڌمڪين خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي










