قتل ٿي ويل کوکر برادري جي اڳواڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

قتل ٿي ويل کوکر برادري جي اڳواڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ڪشمور(ن سنڌيار)ڪشمور ۾ آل پاڪستان کوکر اتحاد جي سڏ تي ڪشمور ۾ کوکر برادري پاران چار ڏينهن اڳ ٽنڊوالهيار ضلعي جي يوسي بڪيرا شريف ۾ مڪاني چونڊن جي ورڪ دوران پ پ ايم پي اي امداد پتافي جي حامين پاران سردار خير محمد کوکر جي ورڪرن مٿان ڪيل حملي خلاف ڪشمور جي کوکر برادري پاران پريس ڪلب ڪشمور آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ان موقعي نظير احمد کوکر محمد حسن کوکر، جند وڏا کوکر علي مراد کوکر پروانو کوکر، غوث بخش کوکر ۽ ٻين احتجاج ريڪارڊ ڪرائيندي چيو ته چار ڏينهن اڳ ٽنڊوالهيار ضلعي جي بڪير شريف يوسي ۾ مڪاني چونڊن جي ورڪ دوران پ پ ايم پي امداد پتافي جي حامين طرفان کوکر برادري جي چيف سردار خير محمد کوکر جي ورڪرن مٿان حملو ڪري زخمي ڪيو پوليس حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري ڪشمور جي کوکر برادري چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ آئي جي سنڌ ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سردار خير محمد کوکر جي ورڪرن مٿان حملي ۾ ملوث پتافي برادري جي جوابدارن کي فل فور گرفتار ڪري مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو