ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)بلڙي شاھ ڪريم جي يوسي سعيدپور ديھ پيرواھ جي قديمي قبرستان شاھ ميران بادشاھ جي زمين تي قبضا مافيا جو غيرقانوني قبضو ، فصلن جي پوکائي شروع ، رهواسين جو احتجاج ، ڌرڻو ، قبضي ختم ڪرائڻ لاءِ وڏي وزير کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ، بلڙي شاھ ڪريم جي يوسي سعيدپور ديھ پيرواھ جي علائقي جي قديمي شاھ ميران بادشاھ قبرستان تي غيرقانوني طور قبضا مافيا زمين تي قبضو ڪري فصلن جي پوکائي شروع ڪري ڇڏي آهي علائقي جي رهواسين گدا احمد مڱريو ، حافظ سهيل احمد مڱريو ، قاضي غلام حسين سولنگي ، جان محمد حاجاڻو ، امين حاجاڻو ، شاهجهان لاکو ، حضور بخش سولنگي، نبي بخش سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رهواسي ڳوٺاڻن احتجاجي جلوس ڪڍي ملاڪاتيار ٽنڊو محمد خان روڊ تي ڌرڻو هنيو ، ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته سوين سالن کان علائقي جو قديمي قبرستان شاھ ميران بادشاھ تي ڪنهن به قبضو نه ڪيو آهي پر هاڻي درگاھ جي سار سنڀال جي نالي ۾ حاجي ٻرهند ، عثمان ٻرهند ۽ ٻين غيرقانوني طور پنهنجا هٿياربند ويهاري قبرستان جي خالي پيل زمين تي کيڙائي ڪري پوکائي شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن زمين تي علائقي جا رهواسي جنازي نماز ادا ڪندا آهن ان زمين کي پوکائي لاءِ استعمال ڪري علائقي جي رهواسين جي دل آزاري ڪئي ويئي آهي ، علائقي جي بااثر ماڻهن جي آشيرواد تي قبضا مافيا ۾ ملوث ٽولو ڳوٺاڻن کي خاموش رهڻ لاءِ قتل جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين ، ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمد خان ، ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر بلڙي شاھ ڪريم فوري طور ان جو نوٽيس وٺن غيرقانوني طور سوين سالن جي قديمي قبرستان تي ٿيل قبضو ختم ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ڳوٺاڻا سرآپا احتجاج ٿي علائقي جا روڊ رستا بند ڪري سرڪاري آفيسن جو گهيراءُ ڪري سخت احتجاج ڪندا پر قبضي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا ، ڳوٺاڻن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ ٻين وسوارن کي ان جو فوري طور نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي قبضي ختم ڪرڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي .










