خضدار(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي علائقي خضدار ۾ قبائلي اڳواڻ مير مهر الله محمد حسني کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب افسوسناڪ واقعو خضدار جي علائقي ڪراڙو ويجهو پيش آيو، جتي اڻڄاتل ماڻهن مقامي قبائلي اڳواڻ جي قافلي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ قبائلي اڳواڻ مير مهر الله محمد حسني ۽ سندس ٽي ساٿي مارجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جوابدارن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.










