قاضي ۽ ملڪ برادرين ۾ رستو ٺاهڻ تان جهيڙو 7 زخمي

ٺڪراٺو(رپورٽر) ڳوٺ روپهر ۾ قاضي ۽ ملڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ رستو ٺاهڻ تان جهيڙو ٿي پيو جتي لٺين، ڪهاڙين ۽ ڪوڏرن جي استعمال سبب ٻنهي ڌرين جا 7 ماڻھو زخمي ٿي پيا، جن ۾ 75 ورهين جو پيرسن لونگ قاضي، عبدالمجيد قاضي، عبدالجبار قاضي، بشيراحمد قاضي، عبدالمجيد ملڪ۽ عبدالعزيز ملڪ شامل آهن. جن کي وارث پنوعاقل کڻائي ويا. ٻنهي ڌرين ۾  وڌيڪ رتوڇاڻ ٿيڻ جو خدشو آهي. مبارڪپور پوليس ٻنهي ڌرين کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي ڇڏيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو