قائمه ڪميٽي پاران سيڙپڪاري جي تحفظ جو بل اتفاق راءِ سان پاس

قائمه ڪميٽي پاران سيڙپڪاري جي تحفظ جو بل اتفاق راءِ سان پاس

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت قائمه ڪميٽي بيروني سيڙپڪاري جي تحفظ جو بل اتفاق راءِ سان پاس ڪري ورتو سومر تي محمود بشير ورڪ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ قائمه ڪميٽي انٽر گورنمينٽل ڪمرشل ٽرانزيشن بل 2022 اڪثريت راءِ سان پاس ڪري ورتو، انٽر گورنمينٽل ڪمرشل ٽرانزيشن بل 2022 حڪومت پاران قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو هو ڪميٽي ميمبر عاليه ڪامران بل جي سيڪشن 8، 9 ۽ 10 تي اعتراض اٿاري ڇڏيو ۽ چيو ته هن قانون سان معاهدن کي عدالت ۾ چئلينج نٿو ڪري سگهجي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ قائمه ڪميٽي ۾ بل تي اٿاريل اعتراضن تي وضاحت ڪندي چيو ته سيڙپڪار پاڪستان ان لاءِ سرمايو نٿا لڳائين ان تي اسٽي ورتاوڃن ٿا هي قانون معاهدن ۾ شفافيت آڻيندو ۽ بين الاقوامي اعتماد سازي ٿيندي قانون واري وفاقي وزير چيو ته اڄ تائين حڪومتن وچ ۾ بند لفافن ۾ ڳجها معاهدا ٿيندا رهيا پهريون ڀيرو ايئن ٿيندو ته بين الاقوامي معاهدن ۽ سيڙپڪاري تي قانون ٺهندو هن چيو ته حڪومت جي وچ ۾ معاهدن جي ٽرازيڪشن کي هن قانون سان تحفظ ملندو. سيڙپڪار عدالت ۾ خوار ٿين ٿا ته اهي واپس هليا وڃن ٿا. وفاقي وزير چيو ته ڪمپنين جي سيڙپڪاري تي سول ڪورٽس مان اسٽي ٿي وڃن ٿا اسان جي عدليه جو ريڪنگ 140 مان 128هون نمبر آهي سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته اهڙي صورتحال ۾ ڪوئي سيڙپڪار اسان تي ڇو اعتماد ڪندو سول ڪورٽس ۾ معاهدن کي چئلينج نه ڪيو ويندو وفاقي وزير چيو ته هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جو اختيار موجود رهندو اسان جي قانونن ۾ ريڊٽيپ جي ڪري سيڙپڪاري نٿي ٿي سگهي قانون واري وفاقي وزير ٽوڪ ڪندي چيو ته اوهان پرڏيهي سيڙپڪاري کي نيب جي ماتحت ڪري ڇڏيو پورو ڏيوالو نڪري ويندو هن وقت راءِ جي قانون مطابق سيل بند معاهدو ٿئي ٿو جنهن کي ڪنهن فورم تي چئلينج نٿو ڪري سگهجي قانون واري وفاقي وزير چيو ته هن قانون سان وفاق کي معاهدن جي تفصيل کان ڄاڻ ملي سگهندي. قائمه ڪميٽي ايندڙ اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت جي نمائندي کي طلب ڪري ورتو عاليه ڪامران حڪومتي بل تي اعتراض اٿاري ڇڏيا بل ۾ 8 کان 10 تائين جي قلمن ۾ تفتيش جو حق کسيو ويو آهي عدالتي ڪارروائي کي ختم ڪيو پيو وڃي هن قانون کي ٻين قانونن تي فوقيت ڏني پئي وڃي هن چيو ته لا محدود اختيار ڪميٽي جي حوالي ڪيو پيو وڃي منسٽر صاحب منهنجا خدشا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر منهنجا خدشا ختم ناهن مون کي ڪجهه اصولي خدشا آهن هن چيو ته مون کي هي شيون غيرقانوني لڳي رهيون آهن اوهان ڪنهن به صورت عدالت جو حق نٿا کسي سگهون معاهدن اندر ڪا غلطي ٿي ته هاڻي پڇا ڳاڇا نه ڪري سگهندا ڪميٽي ۾ ته مان خاموش رهيس هي بل منظور ٿي رهيو آهي جيڪڏهن خدشا برقرار رهيا ته هائوس ۾ پنهنجون ترميمون ڏينديس ته جيئن منهنجي بل تي ترميمون منظور ڪيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو