ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)باباءِ قوم قائداعظم محمدعلي جناح جي اڄ 72 هين ورسي ملهائي پئي وڃي. صدر عارف علوي، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين قائد اعظم جي مزار تي حاضري بري گلن رکي ۽ فاتحه پڙهي. قائداعظم محمد علي جناح 25 ڊسمبر 1876 تي پيدا ٿيو، پاڻ شروعاتي تعليم ڪراچي مان حاصل ڪئي ۽ اعليٰ تعليم ڪاڻ ٻاهرين ملڪ ويو هليو. قائد اعظم جي قيادت ۾ مسلمانن هڪ الڳ ملڪ جي لاءِ جدوجهد ڪئي، پاڪستان جي قائم ٿيڻ جي صرف هڪ سال کانپوءِ هو هن فاني دنيا مان 11 سيپٽمبر تي لاڏاڻو ڪري ويو. سندس ورسي جي موقعي تي مختلف شهرن ۾ خاص تقريبون منعد ڪيون پيو وڃن. سندس ڀيڻ فاطمه جناح جنهن کي فوجي صدر ايوب خان بد شد ڳالهائيندي ڀارتي ايجنٽ قرار ڏنو هو، تنهن کا مادر ملت به سڏيو ويندو آهي. تنهن پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو هو ماڙيپور ايئر بيس تان جڏهن ايمبولينس ۾ سندس لاش گهر نيو پئي ويو ته ايمبولينس جو تيل ختم ٿي ويو ۽ ڪافي دير هوءَ سخت گرمي ۾ روڊ تي بيٺي رهي ۽ مکيون قائد جي وات تي ويهي رهيون جيڪي هو هڪلي به نه پئي سگهيو.










