ف ليگ جو ميڙاڪو،مختلف پارٽين جي اڳواڻن جي شموليت

ف ليگ جو ميڙاڪو،مختلف پارٽين جي اڳواڻن جي شموليت

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل يوسي 5 حضرت بلال ڪالوني ڪورنگي ۾ پاڪستان مسلم ليگ ف جي راجا سولنگي جي اڳواڻي ۾ مختلف پارٽين جي ڪارڪنن پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي جتي فنڪشنل يوسي 5جي سرپرست ايوب مھر شموليت ڪندڙن کي فنڪشنل ليگ جي جھنڊن وارا مفلر پارائي شاندار نموني آجيان ڪئي وئي شموليت اختيارڪندڙن ۾ وفا سرفراز آريجو علي مراد کوسو، سنجي سولنگي، بسم الله آريجو، نعمان، سعيد ابڙو، اظهار علي چانڊيو، آصف ابڙو، شعيب علي، سڌير علي، سليم، ڪاشف ملاڻو، شاهد علي، وقار، عامر وسير، لياقت، صدام چانڊيو، بشير، عرفان، رئوف، رانا آفتاب، ڪاشف، شاهد ابڙو ۽ ٻيا آهن ان موقعي تي ايوب مھر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته فنڪشنل ليگ ھميشه ملڪ جي دنگن ننگن ۽ عوام جي حقن جي حفاظت ڪئي آهي ايندڙ عام چونڊن ۾ فنڪشنل ليگ سنڌ اندر وڏي انگ ۾ سيٽون کڻي سوڀاري ٿيندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو