فٽبال ورلڊ ڪپ: انگلينڊ جي فرانس کي وڏي شڪست

فٽبال ورلڊ ڪپ: انگلينڊ جي فرانس کي وڏي شڪست

ميامي(ويب ڊيسڪ) فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ ٽين پوزيشن لاءِ کيڏيل سنسني خيز ميچ ۾ انگلينڊ فرانس کي 4 جي مقابلي ۾ 6 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي.ميامي ۾ ٿيندڙ هن ميگا ايونٽ جي اهم ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم ڪپتان هيري ڪين سميت 7 تبديلين سان ميدان تي لٿي. راند جي شروعات کان ئي انگلينڊ جي ٽيم جارحاڻي موڊ ۾ نظر آئي ۽ ٽين ئي منٽ ۾ سندن رانديگر ڊيڪلن رائس گول ڪري فرانس جي رانديگرن جي همت ٻڌي ڇڏي. شروعاتي نقصان کانپوءِ فرانسيسي رانديگرن ڪجهه حملا ته ڪيا پر انگلينڊ جو گول ڪيپر تمام چست رهيو ۽ بال کي ڄاري (جال) ۾ وڃڻ نه ڏنو. ٻئي طرف انگليش رانديگرن سيمي فائنل واري غلطي نه دهرائي ۽ برتري حاصل ڪرڻ کانپوءِ دفاعي راند بدران جارحاڻي حڪمت عملي جاري رکي، جنهن جي نتيجي ۾ کين پهرين هاف ۾ وڌيڪ ٽي گول مليا. ڪونسا 18ين منٽ ۾، جڏهن ته ساڪا 37ين منٽ ۽ انجري ٽائيم ۾ گول ڪري انگلينڊ جي برتري 4-0 ڪري ڇڏي. ٻئي هاف ۾ فرانس جي ٽيم مڪمل بدلجي ويل نظر آئي؛ ايمباپي اسڪورنگ جي شروعات ڪئي، ان کانپوءِ بارڪولا گول ڪيو ۽ وري ايمباپي ٽيم لاءِ ٽيون گول اسڪور ڪيو. انگلينڊ کي ملندڙ پينالٽي تي ساڪا گول ڪري اسڪور 5 ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي هيٽ ٽرڪ به مڪمل ڪئي، جڏهن ته فرانس پاران چوٿون گول ديمبيلي ڪيو. انگلينڊ پاران ڇهون گول بيلھنگم بالکل آخري لمحن ۾ اسڪور ڪيو، اهڙي طرح انگلينڊ 4 جي مقابلي ۾ 6 گولن تان ڪاميابي ماڻي. واضح رهي ته ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ ٽين پوزيشن جي ميچ ۾ هي سڀ کان وڌيڪ گولن جو رڪارڊ پڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو