فيلڊ مارشل جو اين ڊي ايم اي جو دورو، مون سون کي منهن ڏيڻ بابت جائزو

فيلڊ مارشل جو اين ڊي ايم اي جو دورو، مون سون کي منهن ڏيڻ بابت جائزو

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (اين اي او سي) هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، جتي کيس مون سون سيزن دوران ممڪنه آفتن سان منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل انتظامن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.پاڪ فوج جي شعبي تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) موجب چيئرمين نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) فيلڊ مارشل کي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر جي آپريشنل صلاحيتن، نگرانيءَ جي نظام ۽ هنگامي صورتحال سان منهن ڏيڻ جي طريقيڪار کان آگاهه ڪيو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير قدرتي آفتن سان منهن ڏيڻ جي قومي صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اين ڊي ايم اي جي ڪوششن کي ساراهيندي انفراسٽرڪچر جي تحفظ، موثر ادارجاتي رابطا ڪاري ۽ بروقت ردعمل جي اهميت تي زور ڏنو. هن هدايت ڪئي ته انساني جانين ۽ اهم قومي انفراسٽرڪچر جي تحفظ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ نقصانن کي گھٽ ۾ گھٽ رکي سگهجي.آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل ان عزم جو اظهار پڻ ڪيو ته پاڪستان جون مسلح افواج قدرتي آفتن دوران ريليف، ريسڪيو ۽ بحاليءَ جي سرگرمين ۾ سول ادارن جي هر ممڪن مدد لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو