فيفا ورلڊ ڪپ جي سيڪيورٽي، پاڪ فوج ۽ قطري حڪومت وچ معاهدو

فيفا ورلڊ ڪپ جي سيڪيورٽي، پاڪ فوج ۽ قطري حڪومت وچ معاهدو

اسلام آباد ( بيورو) وفاقي ڪابينا فيفا ورلڊ ڪپ جي سيڪيورٽي لاءِ قطر حڪومت ۽ پاڪ فوج جي وچ ۾ معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.قطر 20 هين نومبر کان شروع ٿيندڙ فٽبال ورلڊ ڪپ جي سڪيورٽي لاءِ پاڪ فوج کان مدد گهري هئي.ان کان اڳ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سڀاڻي 23 هين کان 24 آگسٽ 2022ع تائين قطر جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو، اهو وزيراعظم شهباز شريف پاران قطر جو پهريون دورو هوندو.وزيراعظم سان وفاقي ڪبينا جي اهم ميمبر سميت هڪ اعليٰ سطحي وفد قخر ويندو، دوري دوران وزيراعظم قطري قيادت سان مختلف معاملن تي مشاورت ڪندو.ٻئي ڌريون ٻن طرفن لاڳاپن جي سمورن رُخن جو جائزو وٺنديون، خاص طور توانائي بابت سهڪار کي اڳتي وڌائڻ، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي گهرو ڪرڻ ۽ قطر ۾ پاڪستانين لاءِ روزگار جا موقعا تلاش ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو.وزيراعظم قطري ۽ پاڪستاني واپارين، سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ملاقاتون ڪندو، وزيراعظم دوحا ۾ اسٽيڊيم 974 جو به دورو ڪندو جتي کيس فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزباني لاءِ قطري حڪومت طرفان ڪيل تيارين بابت آگاهي ڏني ويندي.وزيراعظم جي قطر جي دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ انهن جي وڌندڙ اقتصادي ڀائيواري کي وڌيڪ ڊيگهه ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو