سيٽل(ويب ڊيسڪ) فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ 2026 جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ بيلجيم آمريڪا کي بدترين شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو ۽ آمريڪي ٽيم کي ٽورنامينٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو.سيٽل ۾ کيڏيل پري ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ بيلجيم آمريڪا کي هڪ جي مقابلي ۾ 4 گولن تان هارائي ڇڏيو. تماشائن سان لبالب سٿيل اسٽيڊيم ۾ آمريڪي فٽبال ٽيم هاءِ مورال ۽ ريڊ ڪارڊ ڏيکاريل رانديگر بيلوگن سان گڏ ميدان تي لٿي. 9 منٽ ۾ بيلجيم جي ڊي ڪيٽالاري جي گول به سندن حوصلا پست نه ڪيا. 31ين منٽ ۾ آمريڪي رانديگر ٽلمين گول ڪري مقابلو برابر ڪري ڇڏيو. هو اڃا ان گول جي خوشي پوريءَ طرح ملهائي به نه سگهيا هئا ته بيلجيم ٻيون گول ڪري ڇڏيو؛ 33ين منٽ ۾ ڊي ڪيٽالاري بال کي آمريڪي ڄال ۾ پهچايو. هاف ٽائيم تي مقابلو 1-2 تان بيلجيم جي حق ۾ هو. هاف شروع ٿيڻ جي 12 منٽن کانپوءِ بيلجيم جي وينا ڪين آمريڪي گول ڪيپر جي غلطي جو فائدو وٺندي ٽيون گول ڪري ڇڏيو. 1-3 جي خساري ۾ وڃڻ باوجود آمريڪي حملن ۾ ڪمي نه آئي، سندن رانديگر لاڳيتو خسارو پورو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ لڳا رهيا، پر هو راند جي بهترين گول ڪيپرن مان هڪ، بيلجيم جي ڪورٽووا جي دفاع کي ڪيرائي نه سگهيا. رهجي ويل ڪسر تجربيڪار لوڪاڪو انجري ٽائيم ۾ بيلجيم لاءِ چوٿون گول ڪري پوري ڪري ڇڏي. ائين بيلجيم آمريڪا کي 1-4 تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. ٽرمپ جو ٽرمپ ڪارڊ ۽ فيفا جو فيصلو به آمريڪا کي ميچ نه کٽرائي سگهيو. بيلجيم آمريڪا کي ايونٽ مان ڪڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو ۽ آمريڪي صدر جي سفارش تي آمريڪي ٽيم جي رانديگر بيلوگن جي ريڊ ڪارڊ جي معطلي جو فيصلو واپس وٺڻ ۽ پنهنجي اپيل رد ٿيڻ جو بدلو به وٺي ڇڏيو. ياد رهي ته 2 جولاءِ تي فيفا ورلڊ ڪپ جي رائونڊ آف 32 ۾ شريڪ ميزبان آمريڪا جي فٽبالر بالوگن کي بوسنيا هرزيگووينا خلاف ميچ ۾ ريڊ ڪارڊ ڏيکاريو ويو هو ۽ فيفا جي قانون تحت کيس هڪ ميچ لاءِ معطل ڪيو ويو هو. رائونڊ آف 16 ۾ 7 جولاءِ تي آمريڪي ٽيم جي بيلجيم سان ميچ کان اڳ آمريڪي صدر ٽرمپ جي سفارش تي فيفا بالوگن جي معطلي ختم ڪري ڇڏي هئي، جنهن کانپوءِ هڪ تڪرار بيهو ٿي ويو هو.










