راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان چيو آهي ته فيض حميد کي منهنجي خلاف سلطاني شاهد بڻايو ويندو.اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته فيض حميد جي گرفتاري جو ڊرامو منهنجو ڪيس ملٽري ڪورٽ ۾ کڻي وڃڻ جي لاءِ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته مون کي خبر آهي ته منهنجي خلاف سمورا ڪيس کوکلا آهن، جيڪي اڳيان هلي نه سگهندا، اهو سڀ ڪجهه ملٽري ڪورٽ جو چڪر هلي رهيو آهي.عمران خان چيو ته مون کي لڳي ٿو ته هي ماڻهو فيض حميد کي منهنجي خلاف سلطاني شاهد بنائيندا، جنرل0ر) فيض جي حوالي سان چيو پيو وڃي ته اهو 9 مئي جو ماسٽر مائنڊ آهي، جيڪڏهن 9 مئي تي فيض منهنجي اغوا جو آرڊر ڏنو ته ان کي پڪڙيو، مان ڪنهن به ٻئي ڪمانڊر کي نٿو سڃاڻان، صرف ايتري خبر آهي ته باجوه ٻڌايو ته فيض سڀني کي وڌيڪ قابل جنرل آهي.پي ٽي آءِ باني چيو ته هي بيوقوف چون ٿا ته فيض حميد ٻڌايو ته حملو ڪٿي ڪرڻو آهي، اسان جو احتجاج ته پرامن هو، جڏهن اوهان مون کي اغوا ڪندو ته اسان ڪٿي احتجاج ڪنداسين؟ جڏهن مون غلط ڪم نه ڪيو ته مون کي فيض جي سلطاني شاهد جي بيان جو ڪوبه ڊپ نه آهي.هن چيو ته اسان جي ڪوشش هئي ته جنرل فيض ۽ افغان حڪومت جي تعاون سان ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪريون ۽ اها ڳالهه مون ڪابينه کي به ٻڌائي هئي، نوازشريف جي چوڻ تي جنرل فيض کي هٽائي ٻئي جنرل کي ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو. مون هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته باجوه کي گڏ کڻي هلون پر باجوه منهنجي پٺي ۾ ڇرو هنيو ۽ منهنجي حڪومت ختم ڪئي وئي.










