شھدادڪوٽ(ن س) فيض الاهي اسڪول ڀرسان ڀت جي ڳاله تان مگسي ۽ ڪمبوه برادري ۾ جيهڙو لٽن سروٽن جي آزادانه استعمال ۾ ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا زخمي، اين سي داخل، شهر جي اي سيڪش ٿاڻي جي حد فيض الاهي اسڪول ڀرسان گهر جي ڀت جي معاملي تان مگسي ۽ ڪمبوه برادري جي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي ۾ لٺين ۽ سروٽن جي آزادانا استعمال سبب ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا خليل ڪمبوه، جليل ڪمبوه، شاهزيب ڪمبوه، شاهنواز مگسي، جبل مگسي زخمي ٿي پيا زخمين کي تعلقه اسپتال شهدادڪوٽ آندو ويو، اسپتال ۾ موجود زخمي جي وارثن ٻڌايو ته مگسي برادري جا ماڻهون دڪان جي مالڪي تان گهر اندر داخل ٿي پوليس جي موجودگي ۾ حملو ڪري لٺيون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي ، هنن مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي ،اي سيڪشن پوليس ٻنهي ڌرين مٿان اين سي داخل ڪري 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.










