فيصل آباد(ويب ڊيسڪ)فيصل آباد ۾ پيز فرڻ وارو گروهه سرگرم ٿي ويو. پوليس موجب گذريل رات دير سان فون ڪال ذريعي مشهور پيزا برانڊ کان چار پيزا جو آرڊر ڏنو ويو ۽ ڊليوري بواءِ کي پتو ڏنو ويو ته پيزا ڊليوري ڪرڻ لاءِ ڪهڪشان ڪالوني اسٽريٽ نمبر 1 تي پڄايو. جڏهن پيزا ڊليوري بواءِ عثمان پيزا کڻي پهتو ته ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار هٿياربندن بندوق جي زور تي چار ئي پيزا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. صدر ٿاڻي تي پوليس پيزا چوري جي الزام ۾ ٻن نامعلوم چورن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به اهڙي ئي هڪ واردات ۾ صدر ٿاڻي جي علائقي صفيان ٽائون ۾ ٻن ڌاڙيلن 1800 رپين جا 2 پيزا ڦر ڪري ورتا هئا.










