فيصلو ڪندڙن کي سوچڻو پوندو، ملڪ سان سٺو سلوڪ نه پيو ٿي

فيصلو ڪندڙن کي سوچڻو پوندو، ملڪ سان سٺو سلوڪ نه پيو ٿي

مري: (ويب ڊيسڪ) صدر مسلم ليگ(ن) ميان محمد نوازشريف چيو آهي ته روڊ تي ڦرندڙ شخص کي چيو ويو ته اچو اسان توهان کي انصاف ڏينداسين، پڇان ٿو هن ملڪ سان ظلم ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ خصوصي اجلاس ٿيو، اجلاس کي خطاب ڪندي نوازشريف چيو ته فيصلو ڏيندڙن کي هاڻ سوچڻو پوندو، ملڪ سان سٺو سلوڪ نه پيو ڪيو وڃي، ترقي ڪندڙ ملڪ کي کڏي ۾ ڪيرايو ويو. نوازشريف چيو ته اسان آءِ ايم ايف کي واپس اماڻي ڇڏيو هو، بعد ۾ انهن کي ڪنهن آندو هو؟ سڀني کي خبر آهي، عوام جي پرواهه ڪري، ريليف جي لاءِ جيڪو به ڪرڻو پوندو ڪنداسين، بجلي جو بل هر هڪ لاءِ مصيبت بڻجي چڪو آهي. اجلاس ۾ وزيراعليٰ سولر پينل فنانسنگ اسڪيم بابت معاملن جو جائزو ورتو. پنجاب جي وزيراعليٰ سولر پينل فنانسنگ اسڪيم بابت جائزو ورتو ويو، پنجاب جي وزيراعليٰ سولر پينل فنانسنگ اسڪيم جو آسان بنائڻ جو حڪم ڏنو. مريم نواز اسڪيم جاري ڪرڻ لاءِ ڪارروائي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو