فياض الحسن چوهاڻ گرفتار

فياض الحسن چوهاڻ گرفتار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي اڳواڻ ۽ پنجاب جي اڳوڻي صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ کي گرفتار ڪيو ويو.راولپنڊي پوليس فياض الحسن چوهاڻ کي مري روڊ لياقت باغ مان گرفتار ڪري ورتو آهي.9 مئي 2023ع تي راولپنڊي ۾ جنرل هيڊڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) جي دروازي تي حملي کان پوءِ پوليس سڃاڻپ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.فياض الحسن چوهاڻ خلاف 9 مئي تي صادق آباد ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ مٿس ڪارڪنن کي باهه ڏيڻ ۽ ڀڙڪائڻ جو الزام هو.پي ٽي آءِ جي اڳوڻي صوبائي وزير تي سڪسٿ روڊ ميٽرو اسٽيشن کي ساڙڻ ۽ ڀڃ ڊاهه جو به الزام آهي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت فياض الحسن چوهاڻ جي 18 مئي تائين گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو