فوري طور تي 6 لک راشن جا ٿيلها خريد ڪيو،مراد شاهه

فوري طور تي 6 لک راشن جا ٿيلها خريد ڪيو،مراد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پي ڊي ايم اي آفيس ۾ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي وزيرن مڪيش ڪمار چاولا، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، صوبائي سيڪريٽرين خالد شيخ، آصف ميمڻ ۽ ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه شرڪت ڪئي.وڏي وزير پي ڊي ايم اي کي هدايت ڪندي چيو ته متاثرن تائين سامان پهچائڻ جي رفتار تيز ڪئي وڃي،منهنجي قوم ڏکايل آهي، هي وقت انهن جي تڪليفن کي گهٽائڻ جو آهي متاثرن جي مدد لاءِ ميدان ۾ لهندڙ فلاحي ۽ فلاحي ادارن جو ٿورائتو آهيان،چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت چيو ته پي ڊي ايم اي ڊي سيز کي سامان موڪليندي،وڏي وزير ورندي ڏيندي چيو ته ڊي سيز متاثرن کي وقت تي سمورو سامان فراهم ڪن متاثرن کي مليل سامان جي روزاني مانيٽرنگ پاڻ ڪندس،مڪيش چاوله اجلاس ۾ چيو ته اين ڊي ايم اي 6500 ۽ پي ڊي ايم اي 44237 راشن جا ٿيلها ڏنا مڪيش چاولا وڏي وزير کي ٻڌايو ته ضلعي انتظاميا 73152 ۽ يوٽيلٽي اسٽورن کي 21225 راشن بيگز ڏنا آهن. پي ڊي ايم اي 11972 خيما، بريفنگ ڏني آهي،پي ڊي ايم اي جي ڊي جي بريفنگ ڏيندي چيو ته آرڊر ڪيل خيمن مان روزانو 6 هزار خيما اچي رهيا آهن سنڌ حڪومت 10 لک خيما گهرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو