اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران اڪبر ايس بابر کي اليڪشن ڪميشن جو فورن رڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو رڪارڊ اڪبر ايس بابر جي حوالي ڪرڻ کان روڪڻ واري درخواست تي ٻڌڻي دوران اڪبر ايس بابر ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.










