لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ڪارپوريٽ ايگريڪلچر فارمنگ لاءِ سرڪاري زمين فوج کي 30 سالن لاءِ ليز تي ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪارپوريٽ ايگريڪلچر فارمنگ لاءِ فوج کي سرڪاري زمين 30 سالن جي ليز تي ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.درخواستگذار چيو ته پنجاب جي گورنر کي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو اختيار ناهي، نگران حڪومت جو ڪم روزمرهه جا معاملا هلائڻ آهي، نگران حڪومت کي مستقل بنيادن تي پاليسي فيصلا ڪرڻ جو اختيار ناهي.عدالت سرڪاري زمين فوج کي ڪارپوريٽ ايگريڪلچر فارمنگ لاءِ ليز تي ڏيڻ کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪندي وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي 9 مئي تائين جواب طلب ڪري ورتو.عدالت پاران اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي مدد لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.










