فوج سان جهڳڙو ناهي، ڪا مشڪل آهي ته هنن طرفان آهي، مولانا

فوج سان جهڳڙو ناهي، ڪا مشڪل آهي ته هنن طرفان آهي، مولانا

لاهور (م ڊ) مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته فوج يا ان جي سربراهه سان اسانجو ڪو جهيڙو يا تڪرار ناهي، اسين ته سندس ملازمت جي مدت ۾ واڌ لاءِ ووٽ ڏنو هو. مسلم ليگ (ن) به ووٽ ڏنو هو پر جيڪڏهن ڪا مشڪل آهي ته هنن طرفان آهي، اسان طرفان ناهي. اهڙو اظهار جاتي امرا ۾ مسلم ليگ نون پاران گذريل رات ڏنل ڊنر بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اسيين ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني چاهيون ٿا 7 اسانجي تحريڪ قانون جي دائري ۾ هوندي. اسين جائز حڪومت عوام کي ڏيڻ چاهيون ٿا. مريم نواز چيو ته مونکي خوشي آهي ته مولانا صاحب گجرانوالا جي جلسي ۾ ايندو ۽ مان بلاول کي به دعوت ڏيندس. هن چيو ته گجرانوالا جي مڪمل انتظاميه کي تبديل ڪيو ويو آهي ڇو ته آفيسرن هڪ حد تائين ڪاروائي ڪرڻ کان وڌيڪ انڪار ڪيو هو. مريم نواز چيو ته پاڪستان ۾ ميڊيا، عدليه تي پابندي ۽ دٻاءُ آهي آئيني حق معطل آهن، اسين انهن لاءِ به جدوجهد ڪنداسين. هن چيو ته حڪومت ڪشمير پليٽ ۾ رکي ڀارت کي پيش ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو