اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم خان سواتي جو 2 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو. ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سيل اڳوڻي وفاقي وزير اعظم خان سواتي کي اڄ رات سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي پاران داخل ڪرايل ڪيس موجب پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي کي آرمي چيف سميت رياستي ادارن خلاف نفرت آميز ۽ ڌمڪيون ڏيندڙ ٽوئيٽ پوسٽ ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو. آرمي چيف جو نالو سينيٽر اعظم سواتي طرفان ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ويو، جيڪو گذريل ڏينهن مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي بريت کانپوءِ سامهون آيو هو.










