فوجي ٺڪاڻن تي حملا، آرمي ايڪٽ هيٺ ڪارروائي جي منظوري

فوجي ٺڪاڻن تي حملا، آرمي ايڪٽ هيٺ ڪارروائي جي منظوري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران حڪومت فوجي تنصيبات ۽ ملڪيتن تي حملا ڪندڙ شرپسندن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي.پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ امن امان جي صورتحال ۽ 9 مئي جي دهشتگردي جي واقعن جي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي جو جائزو ورتو ويو.اجلاس ۾ فوجي تنصيبات ۽ ملڪيتن تي حملا ڪندڙ شرپسندن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي جي منظوري ڏني وئي.اجلاس ۾ شرپسندن خلاف ڪيسن لاءِ گڏيل جاچ ٽيم جوڙڻ جي به منظوري ڏني وئي.نگران وڏي وزير 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي دهشتگردي جي واقعن جي اصل جوابدارن جي نشاندهي لاءِ سمورن سيڪيورٽي ادارن جي سهڪار تي زور ڏنو.نگران وڏي وزير هدايت ڪئي ته جوابدارن، سهولتڪارن ۽ ماسٽر مائينڊن تائين پهچڻ لاءِ موثر ميڪنزم ٺاهيو وڃي. اجلاس ۾ ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جوابدارن کي 32 هنڌن تي جيو فينسنگ ذريعي ٽريڪ ڪيو پيو وڃي، تصويرن ۽ وڊيوز ۾ منهن جي سڃاڻپ لاءِ نادرا جي ڊيٽابيس کان مدد ورتي پئي وڃي.محسن نقوي گرفتار ٿيلن خلاف الزامن جي تصديق لاءِ فول پروف طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته پروفيشنل انداز ۾ ڪم ڪيو وڃي ته جيئن ڪو به بيگناهه گرفتار نه ٿئي، سمورن شرپسندن خلاف قانوني ڪارروائي پروفيشنل طريقي سان ڪئي وڃي، موثر ڪارروائي ڪئي وڃي. جاچ، پراسيڪيوشن کي پنهنجو ڪم بهتر نموني ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪو به جوابدار فرار نه ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو