فوجي مشن جي خاتمي جو مطلب افغانستان ۾ سفارتي ۽ فلاحي مشن جو خاتمو ناهي:نيڊ پرائس

فوجي مشن جي خاتمي جو مطلب افغانستان ۾ سفارتي ۽ فلاحي مشن جو خاتمو ناهي:نيڊ پرائس

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس چيو آهي ته فوجي مشن جي خاتمي جو مطلب افغانستان ۾ سفارتي ۽ فلاحي مشن جو خاتمو ناهي. هن چيو ته اميد آهي ته طالبان حڪومت افغان عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪندي. هڪ سال ۾، آمريڪا غير معمولي حفاظتي قدم کنيا آهن. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته القاعده جي سربراهه ايمن الظواهري جي مارجڻ جا ثبوت موجود آهن، افغانستان مان فوج جي واپسي سان اسان وٽ هاڻي نون عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ وسيلا آهن.نيڊ پرائس چيو ته نئين عالمي چئلينجز ۾ موسمياتي تبديلي، روسي جارحيت ۽ چين کان مقابلو شامل آهي.آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ايٽمي معاهدي لاءِ ايران کي هر صورت ۾ ايٽمي هٿيارن جي پيداوار ڇڏڻ گهرجي، آمريڪي ڪانگريس ميمبرن جي تائيوان جي دوري تي چين جو ردعمل غير ذميواراڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو