فواد چوڌري وڌيڪ 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ تي نيب حوالي

فواد چوڌري وڌيڪ 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ تي نيب حوالي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) احتساب عدالت اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جو وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو،اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري خلاف جهلم ۾ تعميراتي منصوبن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران نيب فواد چوڌري کي عدالت ۾ پيش ڪيو،فواد چوڌري طرفان وڪيل عامر عباس ۽ نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيا،ٻڌڻي دوران جج فيصل چوڌري کان پڇاڻو ڪيو ته اڃا وڌيڪ ڳالهائڻو آهي. اچو ته ڳالهايون ۽ فيصل چوڌري جواب ڏنو ته ڳالهيون ڪٿي ختم ٿيون؟، وڪيل صافي دليل ڏيندي چيو ته نيب فواد چوڌري کي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، 26 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي اڃا تائين جاچ مڪمل ناهي ٿي سگهي، فواد جي نالي تي ڪابه زمين منتقل ناهي ڪئي وئي، ڪو ثبوت ناهي، فواد چوڌري سان ڇا ڪجي. 26 ڏينهن ۾ ڇا برآمد ڪيو ويو؟، ان دوران نيب فواد چوڌري جي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، جنهن تي جج محمد بشير فيصل چوڌري کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جو جسماني رمانڊ ته ناهي؟ فيصل چوڌري چيو ته مون کي نوٽيس مليو آهي،جنهن بعد عدالت فواد چوڌري جي جسماني رمانڊ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو ڪجهه دير کانپوءِ ٻڌڻ بعد نيب جي درخواست منظور ڪري ورتي،عدالت فواد چوڌري کي وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پرنيب جي حوالي ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو