لاهور (م ڊ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پوليس تي تشدد ۽ ٻين الزامن ۾ فواد چوڌري جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پي ٽي آءِ جي ريلي کان اڳ پوليس اهلڪارن تي تشدد، قتل ۽ ٻين الزامن جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ فواد چوڌري موقف اختيار ڪيو ته سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ لاءِ ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو، عبوري ضمانت ڏني وڃي.عدالت فواد چوڌري جي 5 لک رپين جي مچلڪن عيوض 25 مارچ تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت فواد چوڌري کي جاچ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي.










