فهميده ڪيس، جاچ لاءِ ٽيم ميرپورخاص پهتي، تفصيل ورتا

فهميده ڪيس، جاچ لاءِ ٽيم ميرپورخاص پهتي، تفصيل ورتا

ميرپورخاص: (ن س) ميرپورخاص جي نجي يونيورسٽي ۾ ھراسمينٽ بعد آپگھات ڪندڙ فھميدا لغاري ڪيس جي جاچ لاءِ ايس ايس پي سھائي ٽالپر جي اڳواڻيءَ ۾ جوڙيل ٽيم ميرپورخاص پھتي، وارثن سان تعزيت بعد تفصيل ورتا، ايس ايس پي ميرپورخاص سان بھ ملاقات ڪري ڪيس بابت ڄاڻ ورتي وئي ميرپورخاص جي ھڪ نجي يونيورسٽي ۾ ھراسمينٽ بعد آپگھات ڪندڙ شاگردياڻي فھميدا لغاريءَ جي ڪيس جي جاچ لاءِ ايس ايس پي ٽيڪنيڪل اينڊ فارينزڪ، سي ٽي ڊي سھائي عزيز ٽالپر جي سربراھيءَ ۾ جوڙيل ٽيم ميرپورخاص پھتي آھي. ٽيم جي سربراھ سھائي عزيز ٽالپر، ايس ايس پي سجاول علينا راڄپر ۽ ٽيم جي ٻين ميمبرن ايس ايس پي ميرپورخاص سيد فدا حسين شاھ سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري کانئس تفصيل ورتا.ان موقعي تي ايس ايس پي سھائي عزيز ٽالپر چيو تھ ھي جاچ اھم آھي، اسان ھر پھلو کان جاچ ڪري رھيا آھيون ۽ ٽيڪينيڪل سپورٽ بھ اسان گڏ آھي. اسان جي ڪوشش آھي تھ جيڪا حق ۽ سچ جي ڳالھ آھي ان تائين پھچي سگھون. ھن چيو تھ ھي ڪيس تمام گھڻو حساس آھي، سماج سان لاڳاپيل ٻين مائٽن جون بھ نياڻيون پڙھن ٿيون ۽ انشاءَ اللھ اسان ھن ڪيس ۾ جيڪي بھ ڪردار ملوث ھوندا، انھن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائينداسين. ھن چيو تھ ھراسمينٽ سيل جتي بھ آھن، اھي فعال ھجڻ گھرجن. ھن وڌيڪ چيو تھ ھن جاچ ۾ جن جن جا بيان وٺڻا پوندا، اھي ورتا ويندا. آن موقعي تي فھميدا ڪيس جي فريادي سندس مامي افتخار لغاري چيو ت اسان پاران ليڊيز پوليس عملدار کان جاچ ڪرائڻ جو مطالبو صرف آن لا ڪيو ھو ت جيئن ڪاليج ۾ پڙھندڙ ٻين نياڻين جا بيان آساني سان وٺي سگھجن ڇاڪاڻ اسان چاھيون ٿا ت فھميدا وارو واقعو ڪنھن ٻي نياڻي سان پيش نه اچي سگھي. آئي جي سنڌ پاران جاچ لا قائم ڪيل 05 رڪني ٽيم تي اعتماد آھي جيڪڏھن ھن ڪميٽي جي جاچ بعد ڪيس ۾ ڪا ڪوتاھي ٿي ت اھو پوليس جي ڪارڪردگي لا ھڪ سواليا نشان ھوندو عورت آفيسر جي جاچ مان اھو ٿيندو ت ھو اتي پڙھندڙ نياڻين کان بھترين طريقي سان معلومات وٺندي ھن چيو ت ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کانسواء ٻيا ڪجھ ماڻھو ملوث آھن اميد ٿا ڪريون ت جاچ ڪميٽي انھن کي ب وائکو ڪندي جاچ ٽيم بعد سيٽ لائيٽ ٽائون ٿاڻي تي وڃي، گرفتار ٿيل جوابدارن جا پڻ بيان رڪارڊ ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو