فنڊ وٺڻا آهن، ان ڪري وڏي وزير وزيراعظم سان ملاقات ڪئي

فنڊ وٺڻا آهن، ان ڪري وڏي وزير وزيراعظم سان ملاقات ڪئي

پشاور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر علي ظفر چيو آهي ته فنڊ وفاق کان وٺڻا آهن، ان ڪري وڏي وزير وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.پشاور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي علي ظفر چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي وزيراعظم سان ملاقات سٺي رهي، علي امين گنڊاپور صوبي جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي، وزيراعظم سان سندس ملاقات ضروري هئي.علي ظفر چيو ته علي امين گنڊاپور وزيراعظم کي صوبي جي مسئلن کان آگاهه ڪيو.هن چيو ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ باني سان جيل ۾ ملاقات ڪئي هئي ۽ هو صحتمند آهي.پي ٽي آءِ جي باني کي صحت جون معمولي شڪايتون آهن، انهن لاءِ درخواست داخل ڪئي.علي ظفر وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقاتن تي پابندي صحيح ناهي، غير قانوني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو