منيلا (ويب ڊيسڪ)فلپائن جي ٻيٽ تي ٻيڙي ۾ باهه لڳڻ سبب 12 ڄڻا فوت ٿي ويا.پرڏيهي ميڊيا موجب فلپائن جي ٻيٽ تي رات دير سان 250 مسافرن سان ڀريل ٻيڙي کي سفر دوران باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻيڙي ۾ سوار 12 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته 8 ڄڻا لاپتا آهن.ميڊيا رپورٽن موجب واقعو خميس تي پيش آيو جنهن ۾ 230 ماڻهن کي بچايو ويو آهي.صوبائي گورنر موجب ٻيڙيءَ ۾ باهه لڳڻ سبب خوف پکڙجي ويو ۽ اڪثر ماڻهن جان بچائڻ لاءِ پاڻي ۾ ٽپو ڏنو، جن کي ساحلي محافظن بچائي ورتو. گورنر جو چوڻ آهي ته ايم وي ليڊي ميري جوئي نالي ٻيڙي مان اڪثر ماڻهن کي بچايو ويو آهي پر اهلڪار احتياطي تدبيرن تحت وڌيڪ سرچ آپريشن ڪري رهيا آهن.رپورٽن مطابق ٻيڙي سولو صوبي کان جولو شهر وڃي رهي هئي ته باسيلان ٻيٽ جي ويجهو ان کي باهه لڳي وئي.اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ 3 ٻارڙا به شامل آهن جيڪي حادثي وقت پنهنجي والدين کان جدا ٿي ويا هئا، جڏهن ته حادثي ۾ 23 ڄڻا زخمي ٿي پيا.










