ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وائيس ايڊمرل اويس احمد بلگرامي ڪمانڊر پاڪستان فليٽ ڪمانڊ جو عهدو سنڀالي ورتو آهي، اويس احمد بلگرامي مختلف ڪمانڊ اينڊ اسٽاف پوسٽن تي ڪم ڪري چڪو آهي. پاڪ بحريه جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪمانڊر پاڪستان فليٽ جي ڪمانڊ جي تبديلي جي پروقار تقريب پاڪستان نيوي ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ آئوٽ ٿيندڙ وائيس ايڊمرل نويد اشرف ڪمانڊ وائيس ايڊمرل اويس احمد حوالي ڪئي. تقريب ۾ نئين مقرر ڪيل ڪمانڊر پاڪستان فليٽ کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
ترجمان موجب اويس احمد بلگرامي 1989ع ۾ پاڪستان نيوي جي آپريشنز برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي، هو نيوي وار ڪاليج ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد جوگريجوئيٽ آهي. پاڪ بحريه جو چوڻ آهي ته اويس احمد بلگرامي مختلف ڪمانڊ اينڊ اسٽاف جي عهدن تي رهيو آهي، هو ڪمانڊر ڪراچي جا فرض سرانجام ڏئي رهيو هو، کيس هلال امتياز ملٽري پڻ ڏنو ويو آهي.










