ٽورنٽو(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني نزاد ڪينيڊين هدايتڪاره ۽ ليکڪه روبينه فيصل جي نئين اردو فلم “ڪليسا منهنجي اڳيان” جي شوٽنگ مڪمل ٿي وئي آهي. ان سلسلي ۾ فلم جي ڪاسٽ سان گڏ ٽورنٽو ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ فلم جي موسيقي رليز ڪئي وئي. تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي روبينه فيصل ٻڌايو ته مرڪزي گيت جو شاعر افضل ساحر ۽ گلوڪار امانت علي آهن. هن گيت ۾ وطن ڇڏي آيلن جو ڪرب جھلڪي ٿو. هن فلم بابت ٻڌايو ته ان جو نالو مرزا غالب جي هڪ شعر مان ورتو ويو آهي ۽ سماج جي سماجي ۽ مذهبي تضاد فلم جو مک موضوع آهي. هن جو چوڻ هو ته فلم ۾ سمورا اداڪار مقامي آهن ۽ اهي بي پناهه فنڪاراڻي صلاحيتن جا مالڪ آهن. هي فلم جلد ئي مقامي سينما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.










