فلسطينين سان همدردي، ڪراچي کان ڪشمير تائين هڙتال

فلسطينين سان همدردي، ڪراچي کان ڪشمير تائين هڙتال

ڪراچي(نمائندن وٽان)فلسطين، خاص طور تي اهلِ غزه سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ جماعت اسلامي ۽ واپارين جي تنظيمن جي هڙتال جي سڏ تي ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ واپاري مرڪز بند آهن. راولپنڊي جي راجه بازار، مري روڊ، صدر ۽ ڪمرشل مارڪيٽ ۾ دڪان بند آهن، جڏهن ته رستن تي ٽريفڪ پڻ نه هجڻ جي برابر آهي. ڊرگسٽ اينڊ ڪيمسٽ ايسوسيئيشن پاران پڻ هڙتال ڪئي پئي وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ گهڻا ميڊيڪل اسٽور به بند آهن.اسلام آباد جا به ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند آهن. پاڪپتن ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به سڀ ننڍا وڏا واپاري مرڪز بند آهن. ڪوهه مري ۾ اهلِ غزه سان يڪجهتي لاءِ مڪمل شٽر ڊائون هڙتال آهي، جماعت اسلامي جي سڏ تي مال روڊ، ڪينٽ مارڪيٽ، ڀوربن مارڪيٽ، عليوٽ ۽ ڦڳواڙي سميت سڀ بازار بند آهن ۽ سڙڪن تي ٽرانسپورٽ به گهٽ آهي. پشاور ۾ به فلسطيني ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي آهي، جنهن سبب قصه خواني بازار، چوڪ يادگار، اشرف روڊ، چوڪ ناصر خان ۽ خيبر بازار جون دڪانون بند آهن، اهم روڊن تي ننڍيون وڏيون مارڪيٽون ۽ شاپنگ مالز به بند آهن. ڪوئيٽا ۾ به فلسطيني ڀائرن سان يڪجهتي جي هڙتال جاري آهي، شهر جا سڀ اهم بازار ۽ واپاري مرڪز بند آهن. مستونگ، قلات، خضدار ۽ پشين سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ به شٽر ڊائون هڙتال ڪئي پئي وڃي. ملڪ جي ٻين شهرن وانگر ڪراچي ۾ به فلسطيني ڀائرن سان يڪجهتي لاءِ مڪمل شٽر ڊائون هڙتال آهي، سڀ ننڍا وڏا واپاري مرڪز ۽ دڪان بند آهن، جڏهن ته سڙڪن تي ٽريفڪ به معمول کان گهٽ آهي. ڪورنگي ڪراسنگ روڊ تي هڪ سياسي جماعت پاران فلسطين جي حق ۾ ڌرڻو هنيو ويو آهي، جنهن سبب روڊ ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، مظاهرين سڙڪن تي ٽائر ساڙي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي آهي. ٽريفڪ پوليس موجب ڌرڻي سبب روڊ بند هجڻ ڪري ٽريفڪ کي گودام چورنگي ۽ ناصر جمپ تان چمڙا چورنگي طرف موڪليو پيو وڃي. جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پاڪستاني قوم فلسطيني عوام جي نسل ڪشي برداشت نٿي ڪري سگهي، قوم فلسطيني ڀائرن سان محبت جو اظهار ۽ اسرائيل ۽ آمريڪا جي مذمت ڪري ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو