فلائنگ ڪار جلد واهپيدارن لاءِ پيش ٿيندي

دبئي(ويب ڊيسڪ)اڏرندڙ گاڏين کي بڻائڻ لاءِ مختلف ڪمپنين پاران ڪم ڪيو پيو وڃي پر هاڻي تائين ڪجهه خاص اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي.رپورٽ موجب ڪمپنيءَ اي 5 گاڏي تيار ڪئي آهي جيڪا جلدي اڏڻ لاءِ تيار ٿيندي. ان کي پري آرڊر ذريعي بڪ به ڪري سگهجي ٿو.هيءَ دنيا جي فلائنگ ڪار آهي جنهن ۾ 4 سيٽون موجود هونديون ۽ ڪمپني موجب اها جلد واهپيدارن لاءِ دستياب ڪئي ويندي.ڪمپني جي سي اي او موجب آمريڪي ايوي ايشن اختيارين پاران گاڏيءِ کي تجرباتي اڏام لاءِ هڪ مهيني جي اندر اجازت ملندي جڏهن ته 2026 تائين ان کي رائيڊ شيئرنگ سروس جو حصو بڻايو ويندو.ان گاڏي ۾ اليڪٽرڪ بيٽرين سان گڏ هڪ ننڍو گيس انجڻ ڏنو ويندو ۽ ان جي مٿان ڪنهن هيلي ڪاپٽر وانگر ونگس هوندا.ان گاڏيءَ کي ڪنهن هيلي ڪاپٽر جيان اڏايو ويندو جڏهن ته بيٽرين کي گهر ۾ چارج ڪرڻ ممڪن هوندو. اها گاڏي سنگل چارج تي 150 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان اڍائي سو ميل تائين اڏام ڀري سگهندي.ڪمپني موجب اها فلائنگ گاڏي ڊگهي سفر لاءِ وڌيڪ ڪارائتي هوندي جڏهن ته شهرن ۾ ٽريفڪ جام کان به بچائيندي.شروعات ۾ ان گاڏي کي هلائڻ لاءِ پائلٽ لائسنس گهربل هوندا پر ڪمپني جي خيال ۾ 2030 تائين اها مڪمل طور تي پاڻمرادواڏام ڀري سگهندي.ان جو اگهه به ڇرڪائيندڙ آهي ڇاڪاڻ ته ان کي خريد ڪرڻ لاءِ 7 لک 89 هزار ڊالرز خرچ ڪرڻا پوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو