فضل الرحمان پاران پي ٽي آءِ کي سپورٽ ڪندڙن خلاف جنگ جو اعلان

فضل الرحمان پاران پي ٽي آءِ کي سپورٽ ڪندڙن خلاف جنگ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جيڪي قوتون عمران خان کي سپورٽ ڪري رهيون آهن، انهن خلاف جنگ جو اعلان ڪيون ٿا. صحافين سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته عمران خان پنهنجي سياست جي ڳڻتي ڪري، اسان توهان جي حڪومت ڪيرائي ڇڏي، هاڻ پنجاب حڪومت جي ڳڻتي ڪيو، اها ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي. هن چيو ته توهان آمريڪا، اين جي اوز ادارن جي سپورٽ تي سياست ڪئي آهي، پي ٽي آءِ جهڙي سياست تي لعنت ٿو وجهان، اسان ان سياست کي هلڻ نه ڏينداسين، دفن ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته عمران خان جو ڪوڙو بيانيو دفنائجي ويو آهي، توهان حادثن سان پنهنجي سياست چمڪائڻ چاهيو ٿا، هاڻ ائين نه ٿيندو.فضل الرحمان چيو ته جيڪڏهن قانون ۾ گهرجون آهن ته قانون سازي ٿيڻ گهرجي، پنهنجي حڪومت کان مون کي شڪايت آهي، فارن فنڊنگ، مالم جبا، هيلي ڪاپٽر ڪيس، بي آر ٽي جو فيصلو ڇو نه پيو ٿئي؟

پهنجو تبصرو موڪليو