اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن ۾ فريال ٽالپر نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي 27 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي جڏهن فريال ٽالپر جي وڪيل چيو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي دليل ڏيندس وڌيڪ وقت نه ورتو ويندو تفصيل مطابق سومر تي اليڪشن ڪميشن ۾ فريال ٽالپر جي نااهلي بابت درخواست تي ٻڌڻي ميمبر سنڌ جي سربراهي ۾ ٽه رڪني اليڪشن ڪميشن ڪئي. فريال ٽالپر جو وڪيل فاروق ايڇ نائڪ ڪميشن ۾ پيش ٿيو فاروق ايڇ نائڪ موقف اختيار ڪيو ته مون کي رات جو ڪيس جو پتو پيو. سپريم ڪورٽ ڇڏي هتي آيو آهيان نوٽيس دير سان مليو آهي تنهنڪري ايندڙ تاريخ ڏني وڃي ايندڙ ٻڌني تي دليل ڏيندس وڌيڪ وقت نه گهرندس اليڪشن ڪميشن فريال ٽالپر کي جواب ۽ دليل ڏيڻ لاءِ هڪ مهيني جو وقت ڏيندي ٻڌڻي 27 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










