ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار پي پي اڳواڻ فريال ٽالپرکي سندس رهائشگاهه کان پوليس ۽ رينجرز جي سخت سيڪيورٽي ۾ سنڌ اسمبلي آندو ويو. فريال ٽالپر جي استقبال لاءِ اسيمبلي جي ٻاهران پيپلز پارٽي جا ميمبر جمع هئا ۽ ان جي پهچڻ تي سندس مٿان گلن جون پتيون نڇاور ڪيون ويون. اسپيڪر آغا سراج دراني به اسيمبلي ميمبرن سان گڏ هو. ان موقعي تي صحافين سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي فريال ٽالپر چيو ته گرفتاري اسان جون زيور آهي اسان ڊڄڻ وارا ناهيون. ضمير مطمئن آهي مون کي خبر آهي ته اسان تي ڪوڙا الزام لڳايا پيا وڃن. ياد رهي ته سنڌ اسمبلي جي اسپيڪر پاران سندس پروڊڪشن آرڊر جاري ٿين بعد نيٻ کيس اسلام آباد مان ڪراچي منتقل ڪيو ۽ اڄ کيس اسمبلي ۾ پيش ڪيو ويو. ڪالهه اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ سندس پيشي وقت قومي احتساب بيورو جي وڪيل احتساب عدالت جي جج محمد ارشد ملڪ کي ٻڌايو ته تفتيش دوران فريال ٽالپر جعلي اڪائونٽ مان اويس مظفر عرف ٽپي کي پيسا منتقل ڪيا آهن. هوءَ چوي ٿي ته کيس اها خبر نه هئي ته هي اڪائونٽ جعلي آهي. نيب جي وڪيل احتساب عدالت کي ٻڌايو ته جاچ دورن هن اهو به ٻڌايو ته کيس ڪمند جا پئسا مليا آهن، جڏهن کائنس پڇيو ته زمين ڪٿي آهي ڪنهن جي نالي آهي جتان ڪمند وڪرو ڪيو ويو ته هن چيو کيس خبر ناهي. جڏهن کائنس پڇو ويو ته ڪهڙي شگر مل کي ڪمند وڪرو ٿيو ۽ پئسا ڪهڙي مل ڏنا ته هن چيو ته اها به کيس خبر ناهي. نيب جي وڪيل موجب اڳ ۾ فريال ٽالپر چيو هو ته اومني گروپ پيسا موڪليا آهن هاڻي چوي پئي ته شگر مل ڏنا آهن. جنهن تي فريال جي وڪيل لطيف کوسه چيو ته زرداري گروپ ۾ فريال هڪ سيڪڙو جي حصيدار آهي. سند ٻئي وڪيل فاروق نائڪ چيو ته پارڪ لين ڪرپشن ڪيس سان هن جو واسطو ئي ناهي نيب وارا شين کي مڪس ٿا ڪن. لطيف کوسه نيب جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته ٺاهيو جيترا ڪيس ٺاهي سگهو، 20 سالن کان پيپلز پارٽي ڀوڳي پئي، اوهان وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جنهن وٽ پڻ آمدن کان وڌيڪ اثاثه آهن ان خلاف ڪاروائي ڇو نه ٿا ڪريو؟ هن فريال ٽالپر کان هن وقت تائين ٿيل تفتيش دوران ڏنل بيان جي ڪاپي به گهري. جج ارسد ملڪ فريال کي روسٽرم تي گهرايو ۽ پڇيو ته ڇا نيب وارا اوهان کي اسپتال وٺي ويا هئا ته هن چيو ته گهر ٽيم کان چيڪ اپ ڪرايو اٿائون، مان شگر جي مريض آهيان ۽ سخت ذهني دٻاءَ جو شڪار آهيان، جنهن تي جج مسڪرائيندي چيو ته جيڪو ڪنهن ڪيس ۾ گرفتار ٿئي ٿو ته هو ذهني دباءَ جو شڪار ٿئي ٿو. عدالت وڌيڪ سماعت 8 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته ميان نواز شريف به ذهني دٻاءَ جي شڪار هئڻ جي بنياد تي ضمانت جي درخواست ڏني هئي جيڪا رد ٿي وئي هئس.










