فروغ نسيم بشير ميمڻ جي الزامن کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو

فروغ نسيم بشير ميمڻ جي الزامن کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحاڪار شهزاد اڪبر کان پوءِ قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم به وفاقي جاچ ايجنسي ايف آءِ اي  جي اڳوڻي سربراهه بشير ميمڻ جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.فروغ نسيم پنهنجي بيان ۾ بشير ميمڻ جي الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته بشير ميمڻ سان جسٽس قاصي فائز عيسيٰ بابت ڪابه ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي. شهزاد اڪبر ۽ بشير ميمڻ ڪڏهن منهنجي آفيس ناهي آيو. اعظم خان هڪ ڀيرو قانوني اصلاحن تي ڳالهين جي لاءِ منهنجي آفيس آيو هو.هن چيو ته وزيراعظم عمران خان اعظم خان يا شهزاد اڪبر مون کي ڪڏهن به ناهي ٻڌايو ته هن بشير ميمڻ کان جسٽس عيسيٰ بابت ڳالهه ڪئي آهي. وفاقي وزير چيو ته مان بشير ميمڻ جي لڳايل الزامن جي ترديد ڪريان ٿو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر به ايف آءِ اي جي اڳوڻي سربراهه جي الزامن جي ترديد ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو