حيدرآباد (پ ر)ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين جي نسل ڪشي ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آھي. فرمائشي آدمشماري ذريعي سنڌين جي آبادي گھٽ ڏيکاري ويندي. سنڌ مٿان غير ملڪي مسلط ڪيا ويا آھن. غير ملڪين کي سندن وطن واپس موڪلڻ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل تائين غير ملڪين کي پناھگير ڪئمپن ۾ رھاريو وڃي. آدمشماري خلاف جدوجھد جاري رھندي. 2 اپريل تي مٺي ۾ ڊجيٽل آدمشماري خلاف سيمينار ڪيو ويندو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، خزانچي علي محمد پرويز، آفيس سيڪريٽري ايڊوڪيٽ راحيل ڀٽو، ھرچند لال، عارب جوڻيجو ۽ ماھ نور ملاح پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آھي تہ ڊجيٽل آدمشماري سنڌي قوم جي نسل ڪشي ڪرڻ برابر آھي. سنڌ ۾ ھڪ منصوبابندي تحت غير ملڪين کي آباد ڪيو ويو آھي. ڪراچي بدامني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ھيو تہ غير ملڪين کي سندن وطن واپس موڪليو وڃي ان تي عمل تائين غير ملڪين کي پناھگير ڪئمپن ۾ رھايو وڃي. آدمشماري فقط سنڌ جي اصلوڪن ماڻھن جي ڪئي وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو تہ فرمائشي ڊجيٽل ڪنھن بہ صورت ۾ قبول ناھي. ڊجيٽل آدمشماري خلاف عوامي تحريڪ جي ھلايل تحريڪ جاري رھندي. 2 اپريل تي مٺي ۾ ڊجيٽل آدمشماري خلاف سيمينار جون تياريون جاري آھن جنھن ۾ شرڪت لاءِ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن، سياستدانن، وڪيلن، اديبن، دانشورن، ٽيڪنيڪل ماھرن کي دعوتون ڏنيون وينديون. وفاقي حڪومت پنھنجي ھوڏ تي قائم رھندي سنڌي قوم جا خدشا اڃان تائين دور ڪو نہ ڪيا آھن. آدمشماري سنڌ ۾ آباد لکين غير ملڪين کي قانوني حيثيت ڏيڻ جو منصوبو آھي جيڪو ڪنھن بہ صورت ۾ سنڌي عوام برداشت نہ ڪندو ۽ ڊجيٽل آدمشماري خلاف پرامن جدوجھد جاري رھندي.










