لاهور(ويب ڊيسڪ)اينٽي ڪرپشن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي جي دوست فرح گوگي کي فيصل آباد اڪنامڪ زون ۾ 10 ايڪڙ صنعتي پلاٽ جي غيرقانوني الاٽمينٽ جي الزام ۾ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.اينٽي ڪرپشن اختيارين جو چوڻ آهي ته فيڊ ميڪ جي اڳوڻي سي اي او رانا يوسف ۽ اسپيشل اڪنامڪ زون ڪميٽي جي سيڪريٽري مقصود احمد کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدارن تي فرح گوگي ۽ سندس ماءُ جي ڪمپني کي صنعتي پلاٽ غير قانوني طور تي ڏيڻ جو الزام آهي.اختيارين موجب جوابدارن فيصل آباد اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ قيمتي صنعتي پلاٽن کي الاٽ ڪيو، 60 ڪروڙ رپين جا پلاٽ رڳو جعلي ڪمپني ٺاهي الاٽ ڪيا ويا.اينٽي ڪرپشن اختيارين جو چوڻ آهي ته صنعتي پلاٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪمپني جي قيمت 2 ارب رپيا هجڻ گهرجي ها، فرح گوگي جي مڙس احسن جميل گجر 2 ارب رپين جي جعلي ضمانت ڏني.اختيارين موجب اينٽي ڪرپشن فرح گوگي ۽ احسن جميل گجر جي اثاثن جي به جاچ ڪري رهي آهي، ٻن جوابدارن خلاف اينٽي ڪرپشن فيصل آباد ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.










