فاطمه ڦرڙو ڪيس، شاهد بيان تان ڦري ويا

فاطمه ڦرڙو ڪيس، شاهد بيان تان ڦري ويا

راڻيپور(رپورٽر) خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ فاطمه ڦرڙو ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪيس جي جوابدار اسد شاھ، پير فياض شاھ ،حنا شاھ ،امتياز ميراثي ويڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي ٿي گذري، جنهن ۾ ڪيس جا پنج شاھدن اجلا ڦڙو، ثانيه، ضغير، محمد حسن، نصير احمد بيان ڏنو ته، هو برادري جي قتل ۾ سيدن جي گھرن ۾ پناه ورتي هئي، فاطمه ڦرڙو تشدد سبب نه بيماري سبب فوت ٿي وئي آهي، ھنن چيو ته جڏهن پهريان اسان کان ڪيس مطابق بيان ورتا هئا، اهي اڇي پني تي ورتا هئا، ھوڏانھن دھشتگردي جي انت واري عدالت پاران ڪيس کي سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ واري فيصلي بعد فاطمه جي والدہ پاران پاڻ کي مارڻ جي ڪوشش، عدالتي فيصلي خلاف پوليس جي گاڏين آڏو ليٽي پئي، ڪيس جو زور ٽٽڻ بعد اسان کي پير قتل ڪرائي ڇڏيندا، بھتر آھي تہ اسان پاڻ کي ماري ڇڏيون، عدالت اسان جا بيان ئي ناھن ورتا گواھن جي چوڻ تي ڪيس کي منتقل ڪري ڇڏيو آھي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي، جڏھن ته فاطمه ڦرڙو جي وڪيل صفدر علي ڪناسرو، عدالت ٻاهران اخبار وارن سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيس جي اڄ ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ شاهد ڪيس تان فري ويا آهن، اي ٽي سي ڪورٽ قلم ختم ڪري، ڪيس سيشن ڪورٽ ۾ رفر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي 21 آگسٽ تي ٿيندي، جڏهن ته فاطمه جي والده شبنم ۽ پيُ نديم ڦرڙو جو چوڻ آهي ته اسان اڳتي ٻڌڻي تي نه ايندا سين، ڪيس کي ڦيرايو ويو آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو