ڪراچي (ويب ڊيسڪ) يونيورسل پڪچرز ڪار ريسنگ ايڪشن ڪرائيم ٿِرلر هالي ووڊ فلم سيريز ‘فاسٽ اينڊ فِيُورسَ’ جي اڳلي فلم ايف 9 جي رليز هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي. هاڻي هي فلم 25 جون تي رليز ڪئي ويندي ۽ فلمساز چاهين ٿا ته عوام وڏي پيماني تي سئنيمائن ۾ ڏسڻ اچن.ڇو ته امريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ڪورونا سبب سينيمائون بند آهن. امريڪا ۾ ٻئي نمبر تي فلمن جي شوقينن جي شهر نيو يارڪ ۾ حڪومت 5 مارچ کان سئنيما کولڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ان عرصي ۾ ڪافي ماڻهو ويڪسين به لڳرائي ڇڏيندا. هي فلم سيريز 2001 ۾ پهريون ڀيرو جاري ٿي ۽ هن مهل تائين رڳو ٽڪيٽن جي مد ۾ 5 ارب ڊالر کان وڌيڪ ڪمائي چڪا آهن. هن فلم جي رليز 2019 کان وٺي ڪيترائي ڀيرا ملتوي ٿي چڪي آهي.










