فارين فنڊنگ ڪيس ٻيو پاناما آهي،شيخ رشيد

فارين فنڊنگ ڪيس ٻيو پاناما آهي،شيخ رشيد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گهرو وفاقي وزير  شيخ رشيد احمد چيو آهي ته فارين فنڊنگ ڪيس ٻيو پاناما هوندو، مريم نواز جون وڌيڪ ملڪيتون سامهون اچڻ واريون آهن. هن مريم نواز کي مشورو ڏنو ته هو پاڻ پڙهي يا ڪنهن کان پڙهائي. اليڪشن ڪميشن جي سامهون احتجاج تي اپوزيشن تعاون ڪيو.هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سڀني کان وڌيڪ خساري ۾ رهندو. هي سڀ سمجهدار آهن مولانا کي بيوقوف ڪري رهيا آهن. وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم وارا اليڪشن ڪميشن جي سامهون شام غريبان ملهائي رهيا هئا جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو عمرڪوٽ ۾ جشن ملهائي رهيو هو ۽ مان بلاول مان خوش آهيان.شيخ رشيد پاڪستان جي سمورن ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ نادرا آفيسون کولڻ جو به اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته نادرا جون 300 نيون گاڏيون تيار ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ نادرا جا وڌيڪ 3 سينٽر 24 ڪلاڪ کليل رهندا. هن جو چوڻ هو ته هڪ لک سڃاڻپ ڪارڊ روزاني جاري ڪندا آهيون ۽ دنيا جي معيار جا اي پاسپورٽ تيار ڪري رهيا آهيون. مزدورن جي لاءِ پاسپورٽ جو مدو 10 سال ڪري رهيا آهيون. سڃاڻپ ڪارڊ ان کي ملندو جيڪو پاڪستاني هوندو. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ڪراچي ۾ رينجرز هيڊ ڪوارٽر جو به دورو ڪيو. رينجرز اختيارين وفاقي گهرو وزير کي ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ رينجرز طرفان کنيل قدمن بابت به بريفنگ ڏني. ڪراچي جي امن کي يقيني بنائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. دهشتگردي، ڏوهن کي روڪڻ ۽ امن جي بحالي لاءِ رينجرز جو ڪردار اهم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو