ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ فائيو اسٽار هوٽل جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن موجب پي آءِ ڊي سي ويجهو فائيو اسٽار هوٽل جي لابي جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. اسپتال انتظاميا موجب مارجي ويلن جي سڃاڻپ رئيس احمد جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ 2 عورتون نفيسه ۽ نرگس شيخ شامل آهن. ان کان علاوه هڪ زخمي شاهه فراز جي حالت نازڪ آهي. واقعي کانپوءِ پوليس، رينجرز ۽ امدادي ٽيمون فائيو اسٽار هوٽل پهچي ويون، جن لاشن ۽ زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو.پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور واقعو حادثو ٻڌايو پيو وڃي، حادثي واري جاءِ تي تخريبڪاري جو ڪو عنصر نظر نه آيو، جڏهن ته ان حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي.










