ڀارت لڳاتار ٻيو ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽي ورتو، اسٽيڊيم ۾ جهمريون

ڀارت لڳاتار ٻيو ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽي ورتو، اسٽيڊيم ۾ جهمريون

احمد آباد(ويب ڊيسڪ) ڀارت نيوزيلينڊ کي 96 رنز تان شڪست ڏئي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽي ورتو آهي. لڳاتار هي ٻيو ڀيرو آهي جو ڀارت هي اعزاز ماڻهو آهي. جسپريت بومرا 4، اڪثر پٽيل 3، پانڊيا، ورون ۽ اڀيشڪ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.نيوزيلينڊ 19 اوورن ۾ 159 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي.  نيوزيلينڊ جي بيٽنگ دوران 31 جي اسڪور تي فن ايلن 9 رنز ٺاهي اڪثر پٽيل جي بال تي تلڪ ورمان هٿان ڪيچ ٿيو،  جنهن بعد رچن رويندرا به هڪ رن ٺاهي بومرا جي بال تي اشان ڪشن هٿان ڪيچ ٿيو، 5 رنز ٺاهيندڙ گلين فلپس کي اڪثر پٽيل بولڊ ڪيو،مارڪ چيپمين 3 رنز ٺاهي هاردڪ پاندي جي بال تي بولڊ ٿيو، ڊيرل مچل 17 رنز ٺاهي اڪثر پٽيل جي بال تي اشان ڪشن هٿان ڪيچ ٿيو.ان کان اڳ مچل کي ارشديپ بال هنيو ته هو بيٽ کڻي ساڻس وڙهڻ لاءِ اچڻ لڳو ته امپائر وڄ ۾ پئي معاملو ٿڌو ڪيو ۽ بعد ۾ سوريا ڪمار ياديو مچل سان معذرت ڪئي ۽ امپائر ارشديپ کي وارننگ ڏني. 13 هين اوور ۾ 124 تي نيوزيلينڊ جا 6 رانديگر آئوٽ ٿي ويا. جنهن بعد ڪپتان مچل سينتنر۽ جيمس نيشام اسڪو اڳتي وڌايو پر گهربل رن ريٽ نيوزيلينڊ جي وس کان ٻاهر ٿي چڪو هو. نيشام 8 رنز ٺاهيون ته بومرا کيس بولڊ ڪيو، ٻئي بال تي ميٽ هينري کي به بولڊ ڪيو پر هيٽ ٽرڪ نه ڪري سگهيو. سينتنر35 بالن تي 43 رنز ٺاهي سگهيو، لوڪي فرگوسن 6 ۽ جيڪب ڊفي 3 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا.   ڀارت مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 255 رنز ٺاهيون. ڀارت جي اوپنرز جي جارحاڻي بيٽنگ جاري آهي، پاور پلي جي 6 اوورن ۾ بنا نقصان 92 رنز ٺاهي ورتيون، اڀيشڪ شرما 18 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. ان کان اڳ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو. اٺين اوور جي پهرين وائيڊ بال اڀيشڪ کيڏڻ جي ڪوشش ۾ ڪيپر هٿان ڪيچ ٿي ويو. هن 3 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 21 بالن تي 52 رنسون ٺاهيون ۽ انڊيا جي 98 تي پهرين وڪيٽ ڪري. جنهن بعد سنجو سيمسن به 33 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. ان بعد اشان ڪشن 23 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. 15 هين اوور جي خاتمي تي ڀارت جو اسڪور 200 کان مٿي ٿي چڪو هو. 19 هين اوور ۾ ڀارت جون 3 وڪيٽون ڪري پيون. سنجو سيمسن 89، هاردڪ پانڊي 18، سوريا ڪمار زيرو، اشان ڪشن 54 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا. شيوام ڊوبي 8 بالن تي 26 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو