شڪارپور (عبدالخالق سومرو) عدالتي حڪم ۽ ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي ھدايت تي آر ٽي سيڪريٽري وسيم احمد ميمڻ ٽريفڪ پوليس سان گڏجي شڪارپور ضلعي جي مختلف روڊن تي مسافر گاڏين ۾ لڳل ايل پي جي گئس سلينڊرن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري 5 گئس سلينڊر لاهي سندن خلاف ڏنڍ لڳايا ويا، ان موقعي تي آر ٽي سيڪريٽري ٻڌايو ته مختلف روڊ لکي غلام شاھ, مدئجي, خانپور ۽ ٻين هنڌن تي مسافر ويگنن مان لڳل گئس سلينڊر لهرايا ويا آهن، جڏھن ته 5 هزار روپين کان وڌيڪ ڏنڊ لڳا ويا آهن، آر ٽي سيڪريٽري چيو ته گئس سلينڊر انساني جانين لاء نقصان ڪار آهن ۽ شھر ۾ ٽريفڪ پوليس بھتر ڪم ڪري رهي آهي.










