غير قانوني ڪنيڪشن ۽ هائيڊرنٽس ختم ڪريو

غير قانوني ڪنيڪشن ۽ هائيڊرنٽس ختم ڪريو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڊي واٽر بورڊ محمد رفيق قريشي اعلي آفسران کي ھدايت ڪئي حڪم ڏنو آهي ته سڄي شهر ۾ قائم سمورا غير قانوني هائيڊرنٽس ڊاھي پٽ ڪيو ۽ غير قانوني ڪنيڪشنز کي فوري طور ڪاٽي هفتي اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هن جاري ڪيل حڪم ۾ وڌيڪ چيو آهي ته زير زمين پاڻي چوري ڪندڙن خلاف بہ سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، بلڪ ٽرانسميشن يا ڊبليو ٽي ايم لائن تي ڪو بہ غير قانوني هائيڊرينٽ يا ڪنيڪشن نہ هجڻ گهرجي، ايم ڊي واٽر بورڊ ھدايتون جاري ڪندي چيو تہ سمورا سپرنٽينڊنٽ انجنيئرز ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئرز پنهنجي علائقي جو مڪمل معائنو ڪن اگر معائني دوران ڪو بہ غير قانوني هائيڊرنٽس يا غير قانوني ڪنيڪشن ملي تہ ان خلاف فوري طور تي ڪارروائي ڪئي وڃي جڏهن تہ آپريشن کانپوءِ لاڳاپيل سپرنٽينڊنٽ انجنيئرز ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئرز پنهنجي علائقي جو ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ ست ڏينهن اندر ايم ڊي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائين ۽ ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻ کانپوءِ جيڪڏهن ڪو بہ غير قانوني هائيڊرينٽ يا غير قانوني ڪنيڪشن ان حد ۾ مليو تہ لاڳاپيل آفيسر خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ليٽر ۾ چيو ويو آهي تہ پاڻي چوري خلاف ڪاروائي دوران ڪير بہ رڪاوٽ وجهي تہ انجي خلاف ثبوتن سميت رپورٽ پيش ڪئي وڃي اگر پاڻي چورن خلاف آپريشن دوران لاڳاپيل ادارا تعاون نہ ڪن ته اعليٰ اختيارين کي فوري طور آگاھ ڏني وڃي. حڪم موجب غير قانوني هائيڊرنٽس، ڪنيڪشن ۽ پاڻي چوري ۾ ملوث جوابدارن ۽ فائدو حاصل ڪندڙن جي نشاندهي ڪئي وڃي، ليٽر مطابق بلديا ٽائون ۽ اين ايل سي هائيڊرنٽس سميت ڪل اٺ هائيڊرنٽس قانوني ۽ سرڪاري آھن جڏھن تہ واٽر بورڊ پاران زير زمين پاڻي جا 34 لائسنس جاري ڪيا ويا آهن انڪري 8 هائيڊرنٽس ۽ 34 زير زمين پاڻي جي لائسنس کان سواءِ باقي سڀئي غير قانوني آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو